جنگشاهي(ن س )ڊائريڪٽر انفارميشن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن عبدالقادر شيخ پاران صدر نيشنل پريس ڪلب ٺٽو محبوب بروهي ۽ آپڪا اڳواڻ تاج حسين بروهي جي والد محترم غلام حسين بروهي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ھن چيو تہ ڏک جي هن گهڙي ۾ اسين محبوب بروهي ۽ تاج حسين بروهي سميت مرحوم جي سموري ڪٽنب سان برابر جا شريڪ آهيون هن دعا ڪئي تہ الله تعالٰي مرحوم غلام حسين بروهي جي مغفرت فرمائي ۽ سندن خاندانن کي اهيو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.










