ڪجهه ڌريون نوجوانن کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪين پيون، بلاول

ڪجهه ڌريون نوجوانن کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪين پيون، بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ۾ اهڙي سوچ رکندڙ عنصر موجود آهن جيڪي نوجوانن کي انتهاپسندي ڏانهن مائل ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته اسان چاهيون ٿا ته نوجوان ترقي ڪري ۽ روزگار حاصل ڪن.ڪراچي ۾ سنڌ گلابي فٽبال ٽورنامينٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته پاڪستان جي 70 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي. سڀني کي خبر آهي ته هن ملڪ جو مستقبل نوجوان آهن.اهڙا عنصر آهن جيڪي نوجوانن کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪڻ چاهين ٿا. مذهبي انتها پسندي هجي، سياسي انتهاپسندي هجي يا ٻي انتهاپسندي هجي، توهان ۽ مان گڏيل طور تي نوجوانن جي ترقي جو بندوبست ڪنداسين،بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهڙا مفڪر آهن جيڪي عورتن کي ترقي ڏسڻ نٿا چاهين،اهڙا ماڻهو اسان جي ملڪ ۽ پاڙيسري ملڪ ۾ به موجود آهن، انهن لاءِ مان سمجهان ٿو، بهترين جواب اهي عورتون آهن جيڪي منهنجي پٺيان بيٺيون آهن،هن چيو ته اڄ ڪراچي جي شهر لياري ۾ ورلڊ ڪلاس فٽبال ايونٽ ۾ شرڪت ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي،هن چيو ته سڄي سنڌ مان نوجوان خاص ڪري اسان جون عورتون هتي فٽبال کيڏڻ لاءِ اچن ٿيون، توهان کي خبر آهي ته قائداعظم محمد علي جناح چيو هو ته ڪو به ملڪ ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين ان ۾ عورتن جو برابري وارو ڪردار نه هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو