ٽنڊي مستي ڀرسان روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

ٽنڊي مستي ڀرسان روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

ٽنڊو مستي (ن س)ٽنڊي مستي ڀرسان روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. شگر ملز ويندڙ لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳو، حادثي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا. حادثي بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽنهي فوتين جا لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪري ڇڏيا. پوليس موجب فوتين جي سڃاڻپ نه سگهي آهي، حادثي بعد ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو