حقيقتن کي ٽوڙڻ مروڙن ۾ جماعت اسلامي جي تاريخ رھي آھي

حقيقتن کي ٽوڙڻ مروڙن ۾ جماعت اسلامي جي تاريخ رھي آھي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ حقيقتن کي ٽوڙڻ مروڙن ۽ عوام کي گمراھھ ڪرڻ جماعت اسلامي جي تاريخ رھي آھي، نئين ڀتي پاليسي اسٽاپ گيپ تي ٻڌل قدم آھي، ان جو مقصد شفافيت کي ھٿي وٺرائڻ آھي، بي بنياد الزامن جو مقصد اجتماعي ترقي لاءِ سنڌ سرڪار جي ڪوششن جي راھھ ۾ رنڊڪون وجھڻ آھي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير جي بيان تي ردعمل جو اظھار ڪندي ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ تعليمي ادارن، خاص طور تي يونيورسٽين ۾ فيسن جو تعين بنيادي ڍانچي،سھولتن ۽ آپريشنل خرچن جي بنياد تي ڪيو ويندو آھي، سنڌ سرڪار، تعليم کي سستي ۽ مساوي بڻائڻ لاءِ سڌارن تي ڪم ڪري رھي آھي. ھن چيو تھ ڪراچي يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ سسٽم جو زوال وراثت ۾ مليل مسئلو آھي، سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ جي نظام جي بحالي ۽ اُن کي جديد بڻائڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميھ ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪري رھي آھي. ريڊ لائن بي آر ٽي جي حوالي سان سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ريڊ لائن بي آر ٽي ھڪ تاريخي منصوبو آھي، جنھن جو مقصد پبلڪ ٽرانسپورٽ جي پريشانين جو خاتمو آھي، ميگا پروجيڪٽس ۾ دير اڪثر ڪري ٽيڪنيڪي مسئلن سميت ٻين اڻٽر للڪارن جي ڪري ٿيندي آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ نگران حڪومتي دور ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي تي ڪم روڪي ڇڏڻ ۽ ڪراچي ۾ يوٽيلٽيز جي ڪري بھ بي آر ٽي پروجيڪٽ ۾ دير ٿي رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ريڊ لائن منصوبي جي وڌندڙ لاڳت جو وڏو ڪارڻ عالمي ناڻي واڌ، وڌندڙ مادي لاڳت ۽ رُپئي جي قدر ۾ گھٽتائي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو