پي ٽي آءِ جي سياست هميشه پاڪستان کي نقصان پهچايو آهي

پي ٽي آءِ جي سياست هميشه پاڪستان کي نقصان پهچايو آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سياست هميشه پاڪستان کي نقصان پهچايو آهي.هڪ بيان ۾ احسن اقبال چيو ته چين جي صدر جي دوري جي موقعي تي پي ٽي آءِ ملڪ جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ جديد هٿيارن سان اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست هميشه پاڪستان کي نقصان پهچايو، ملڪ کي ناڪاري پروپيگنڊا تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏنو ويندو.سائيٽ ڪراچي جي دوري دوران احسن اقبال چيو ته وفاقي حڪومت سائيٽ ڪراچي لاءِ 5 ارب جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعظم 5 سالن جي منصوبي جو اعلان ساڳئي مهيني ۾ ڪندو، چين جي سهڪار سان نيو ڪراچي. حيدرآباد موٽر وي ٺاهي ويندي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستاني وفد 10 کان 23 ڊسمبر تائين چين جو دورو ڪندو، سي پيڪ فيز 2 تي ڪم ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو