لاهور (ويب ڊيسڪ) چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ نيب پاران ريفرنس فائيل ڪرڻ تائين احتساب عدالت مريم نواز کي حاضري کان آجو قرار ڏيڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي. احتساب عدالت جي جج امير محمد خان جي عدالت ۾ جمعي تي ٻڌڻي ٿي ته مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز عدالت کي درخواست ڪئي. جنهن تي جج نيب جي وڪيل کان پڇو ته ريفرنس ڪڏهن فائيل ڪندا هن چيو ته اڃا جاچ هلي پئي ڪو پتو ناهي. جنهن تي عدالت ريفرنس فائيل ٿيڻ تائين مريم کي حاضري کان آجو قرار ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو.










