حڪومت سان گڏجي سامونڊي علائقن جي ترقي لاءِ سرگرم آهيون

حڪومت سان گڏجي سامونڊي علائقن جي ترقي لاءِ سرگرم آهيون

ٺٽو: (رپورٽر) پلاننگ اينڊ ڊوالپمينٽ کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ريڊ زون مان نڪري گرين زون ۾ داخل ٿي چڪو آهي. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي سامونڊي علائقن جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته ڪوسٽل هاءِ وي منصوبي جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ مان هتي آيو آهيان، اهو منصوبو سنڌ حڪومت شروع ڪيو، 37 ڪلو ميٽر وفاقي حڪومت جي تعاون سان مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت مقامي حڪومت سان گڏجي سنڌ جي ترقي لاءِ خاص طور تي سامونڊي علائقي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سمنڊ تيزي سان هزارين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي چڪو آهي، اهو منصوبو سنڌ جي سامونڊي علائقن جون زمينون سمنڊ کان بچائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو.احسن اقبال چيو ته حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته پوئتي پيل علائقن کي ترقي ڏياريون، پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي ميثاق جمهوريت تي يقين رکن ٿيون، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ هڪ ٻئي جا مخالف ٿي سگهن ٿا پر ملڪي سالميت جي خلاف ڪڏهن به نه ٿيندا.وفاقي وزير چيو ته 2018 کان اڳ اسان هڪ ٻئي جي مخالف هئاسين پر پاڪستان تي مشڪل وقت آيو ته اسان هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. 2023 ۾ به چونڊن ۾ حصو ورتو پر پاڪستان کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻيهر اسان گڏ بيٺل آهيون، اتحادي حڪومت هجڻ سبب پاڪستان ريڊ زون مان نڪري گرين زون ۾ اچي چڪو آهي.هن چيو ته هاڻ اسان ڪنهن کي ملڪ کي ريڊ زون ۾ کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏينداسين، هن وقت ملڪي معيشت تيزي سان اڳيان وڌي رهيو آهي، 24 نومبر کان عوام ڌرڻي جي سياست کي هميشه جي لاءِ دفن ڪري ڇڏيو، وفاقي حڪومت سمورن صوبن سان گڏجي پوئتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ ڪم ڪندي.احسن اقبال چيو ته 1991ع ۾ وفاقي حڪومت سمورين صوبائي حڪومتن سان گڏجي پاڻي جي معاهدي تي صحيحون ڪيون، 1991ع جي پاڻي معاهدي کان پوءِ ڪوبه ڪنهن جو پاڻي چورائي نٿو سگهي نه ئي ڌاڙو هڻي سگهي ٿو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن جي احتجاج پاڪستان جي معيشت کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، احتجاج ختم ٿيندي ئي معيشت ۾ رڪارڊ تيزي اچي وئي.هن چيو ته اسان جي ملڪ جي ڪري گڏيل حڪومت ٺاهي آهي سياست ۾ ائين ناهي ٿيندو جو سياسي مخالفت کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪيو وڃي. آصف زرداري، نوازشريف، بلاول ڀٽو، شهباز شريف سڀ ملڪ کي مضبوط بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. ڌرڻو ڏيڻ لاءِ هڪ پارٽي آهي اهي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا ۽ ملڪي معيشت کي نقصان رسايو. هن وقت پاڪستان کي محبت، امن جي ضرورت آهي، فسطانيت، نفرت ۽ فساد کي دفن ڪرڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو