ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس پاڪ ڪالوني ۽ مدينه ڪالوني ۾ ڪارروايون ڪندي اشتهاري سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب پاڪ ڪالوني مان گرفتار جوابدار عبدالرئوف شادي جي تقريب ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث آهي.گذريل مهيني شادي جي تقريب دوران جهيڙي دوران جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. مدينه ڪالوني مان گرفتار ڪيل ٻئي جوابدار عبدالله عرف پرويز بابت پوليس جو چوڻ آهي ته هو 11 سالن کان مفرور هو.جوابدارن 2013ع ۾ فائرنگ ڪري هڪ شخص کي زخمي ڪيو هو ۽ واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو هو.پوليس ٻنهي جوابدارن کان جاچ ڪري رهي آهي.










