ملڪ کي انتشار نه پر اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، بلاول

ملڪ کي انتشار نه پر اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت اسان کي گورنر راج يا ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ جو ناهي چيو،پيپلز پارٽي جي 57 هين يوم تاسيس جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽن نسلن جي جدوجهد کانپوءِ اڄ به پيپلز پارٽي ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ موجود آهي، پيپلز پارٽي جي جدوجهد عوام جي سامهون آهي، قائد عوام شهيد ڀٽو عوام دوست معاشي پاليسي ڏني هئي،هن چيو ته ٻڌو آهي ته ڪجهه حڪومتي ماڻهو گورنر راج يا ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ جو سوچي رهيا آهن،حڪومت اسان کي گورنر راج يا ڪنهن سياسي پارٽيءَ تي پابندي لڳائڻ جو نه پڇيو آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ اڳيان موقف رکيو ته هو اتفاق راءِ سان فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا،هن وقت اپوزيشن ۽ حڪومت ۾ ڪو به فرق نه هئڻ گهرجي،هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته ان معاملي تي به سياست ڪئي پئي وڃي، اسان ماضي ۾ به دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪيو، ان کي شڪست ڏني، ڪي پي حڪومت امن قائم ڪري، ضرورت پوي ته وفاقي حڪومت کان مدد وٺي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي غير ذميوار حڪومت ڪڏهن نه ڏٺي آهي،بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي باني کي جيل مان ڪڍڻ چاهيو ٿا ته پوءِ صوبائي حڪومت ڇڏي اهو ڪم شروع ڪيو، ڪنهن کي به حق ناهي ته فوج ٺاهي ۽ حملا ڪري،پرامن احتجاج ڪرڻ جو حق هر ڪنهن کي آهي، فوج ٺاهي اسلام آباد يا 9 مئي تي حملو نه ڪرڻ گهرجي، اسان جو نقطو حڪومت جي نقطه نظر کان مختلف آهي، جڏهن به معاملو اٿندو ته ان تي بحث ڪنداسين،هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جو مطالبو آهي ته دهشتگردي خلاف نئون پلان آندو وڃي، نيشنل ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، ترقياتي پلان به ضروري آهي، پ پ چيئرمين چيو ته خدشو آهي ته حڪومت جون اهڙيون پاليسيون آهن جيڪي زراعت کي فائدو ڏيڻ بدران هارين جو معاشي قتل ڪن.وفاقي حڪومت کي اپيل آهي ته صوبائي حڪومتن کي ٻڌي. حڪومت سنڌو درياهه مان ڪئنال ٺاهڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. جيڪڏهن حڪومت ان فيصلي تي اصرار ڪئي ته وفاق ۽ صوبي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي. ان سان ملڪ جي معيشت ۽ زراعت تي به ناڪاري اثر پوندا. هن چيو ته پيپلز پارٽي طاقت جي زور تي فيصلي جي حمايت نه ڪندي، اميد آهي ته هو ڳالهين ۽ ڪميٽي ذريعي مسئلو حل ڪندا. پيپلز پارٽي هميشه عوام لاءِ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن وقت سياست لاءِ گنجائش گهٽ آهي. اسان گڏجي 26هين آئيني ترميم پاس ڪئي،شهيد بينظير جو واعدو پورو ڪيو، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين سان رابطو ڪري آئيني ترميمون ڪرايون.

پهنجو تبصرو موڪليو