ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي قيام کي 57 سال مڪمل ٿي ويا آهن، 57 سال اڳ ذوالفقار علي ڀٽي فوجي حڪمرانن جي ڪابينا تان استعيفيٰ ڏئي ترقي پسندن سان گڏجي پيپلز پارٽي قائم ڪئي.روٽي، ڪپڙو ۽ مکان جو نعرو ڏئي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي ٺاهي، ملڪ جو چونڊيل وزيراعظم بڻيو، آئين ڏنو ۽ جنرل ضياءَ جو تختو اونڌو ڪيو ويو.بينظير ڀٽو پارٽي جي قيادت سنڀالي، جنرل ضياءَ خلاف وڙهندي رهي، ٻه ڀيرا وزيراعظم رهي، جنرل مشرف سان به وڙهي. دهشتگردن هٿان شهيد ٿي ويو.بلاول ڀٽو پارٽي جي ڪمان سنڀالي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪئي.جيالا اڄ پارٽي جو يوم تاسيس جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا، تقريب کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.
بلاول، زرداري عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو، قائم علي شاهه، مولا بخش چانڊيو
قائم علي شاهه، مولا بخش چانڊيو ۽ ٻين پ پ اڳواڻن چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو.پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو شهيد بينظير ڀٽو وانگر وڙهي رهيو آهي.مولا بخش چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي جو مقصد اليڪشن کٽڻ ۽ حڪومت وٺڻ ناهي، پيپلز پارٽي جو مقصد عوام جي زندگي بهتر بڻائڻ آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه مظلوم، محکوم ۽ پٺتي پيل طبقن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي.پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي ضلعي سينٽرل جو دورو ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته يوم تاسيس جي موقعي تي ريلوي گرائونڊ ڪالا پل ۾ جنرل اجلاس منعقد ڪيو ويندو.وقار مهدي وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو وڊيو لنڪ ذريعي هڪ ئي وقت لکين ماڻهن کي خطاب ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب تاريخي ۽ قوم جي مستقبل جو پلان هوندو.










