ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آپريشنل مسئلن سبب اڄ ڪراچي کان لاهور، ڪوئيٽا، ملتان ۽ اسلام آباد جون 7 اڏامون رد ڪيون ويون.فلائيٽ شيڊول موجب ڪراچي کان لاهور ويندڙ پي آءِ اي جون 2 اڏامون پي ڪي 303، 341 رد ڪيون ويون آهن.ڪراچي کان ڪوئيٽا ويندڙ 2 اڏامون پي ڪي 310، 311 رد ڪيون ويون آهن.ڪراچي کان ملتان ويندڙ اڏام پي ڪي 330 ۽ ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ اڏام پي ڪي 370 منسوخ ڪئي وئي آهي.لاهور کان دبئي ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 204 به منسوخ ڪئي وئي جڏهن ته مختلف ايئرپورٽن تي اچڻ ۽ وڃڻ واريون 30 اڏامون دير سان هليون.










