اتحادين جا اعتراض، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عمران خان سان ملاقات

اتحادين جا اعتراض، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عمران خان سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) انٽر سروسز انٽيليجنس يعني آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽينيٽ جنرل فيض حميد اڱاري تي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات بابت جاري ڪيل ٻن سٽن جي بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قومي سلامتي جي صورتحال بابت مشاورت ڪئي. هي ملاقات ان وقت ٿي آهي جڏهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايران جي دوري تي آهي جتي هن ايران جي فوجي ڪمانڊرز ۽ صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪئي. ملڪ اندر مسلم ليگ (ق) ۽ جي ڊي اي وارن حڪومتي ڪارڪردگي بابت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. ياد رهي ته اڪثر ڪري ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ملاقات ڳجهي رکي ويندي آهي پر هن ملاقات جي سرڪاري طور تي خبر ۽ تصوير به جاري ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو