پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ڪابينا ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون آهن.احتشام علي کي هيلٿ ايڊوائيزر نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صحت واري وزير قاسم علي شاهه کان صحت جو قلمدان وٺي کيس سوشل ويلفيئر کاتو ڏنو ويو آهي.هوڏانهن پير مسرور غازي کي موسمياتي تبديلي بابت خاص مددگار، سهيل آفريدي کي سي اينڊ ڊبليو جو خاص مددگار ۽ نيڪ محمد کي رليف بابت خاص مددگار نامزد ڪيو ويو آهي.ڪي پي حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديلين جو امڪان آهي.










