پاڪستان انٽرنيٽ جي سستي، مانيٽرنگ جي استعمال بابت مڪمل شفافيت آڻي

پاڪستان انٽرنيٽ جي سستي، مانيٽرنگ جي استعمال بابت مڪمل شفافيت آڻي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستاني عملدارن کان ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سستي، مانيٽرنگ ۽ سرويلنس ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت مڪمل شفافيت جو مطالبو ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل عملدارن تي زور ڏيندي چيو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته هو نگراني ۽ سرويلنس جي اهڙي نظام کي لاڳو نه ڪن جيڪو غير ضروري، غير مناسب ۽ عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي هجي.بيان ۾ چيو ويو ته نگراني جي نظام جون ٽيڪنالاجيز جيڪي انٽرنيٽ جي رفتار کي ڪنٽرول ڪن ٿيون ۽ مواد کي بلاڪ ڪن ٿيون، ان جي استعمال جي حوالي سان عملدارن جي غير شفافيت ڳڻتي جي ڳالهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو