لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته بجلي جي بلن ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي ويندي.لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت بجلي، تيل ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائي پئسا ڪمائي رهي آهي.هن چيو ته اپوزيشن ليڊر جي نااهلي اها آهي ته 7 مهينا گذرڻ باوجود هو الڳ الڳ احتجاج ڪري رهيا آهن، جيستائين مخالف ڌر جون پارٽيون گڏ نه ٿيون اچن، حڪومت کي ڪو به فرق نه پوندو.فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جا 25 ماڻهو گم آهن پر ڪنهن کي به پرواهه ناهي.










