ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي معاملي ۾ ملوث نادرا اهلڪارن جي گرفتاري جو امڪان آهي، پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ افغان رهواسين کي جاري ڪرڻ جي ماعملي ۾ ايف آئي اي جي جاچ آخري مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آهي، ان دوران ذميوار نادرا اهلڪارن جو تعين ڪيو ويو آهي، جن جي گرفتاري جو جلد امڪان آهي، ذريعن مطابق ذميوارن افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِپاڪستاني خاندانن جو ميمبر ظاهر ڪيو، پاسپورٽ دفتر ويجهو هڪ افغان سيمت ايجنڊن جي گرفتاري کان پوءِ جاچ شروع ڪئي وئي هئي، مجيب الله نالي افغان شهري پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ تي پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هو، نادرا کان مجيب الله کي پاڪستاني خانداني ميمبر ظاهر ڪندڙن فيملي کي جاري ڪارڊز جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو، جاچ ۾ نادرا پاران رڪارڊ فراهمي کان پوءِ لاڳاپيل نادرا اهلڪارن جا بيان ورتا ويا، جاچ جي آخري مرحلن ۾ مبينا طور تي ملوث نادرا اهلڪارن جي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي، نادرا پاران به کاتي جي جاچ ۾ لاڳاپيل اهلڪارن جي خلاف ايڪشن ورتو ويو آهي.










