لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته صدر مسلم ليگ(ن) نوازشريف جي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ هن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي پارٽي اڳواڻن سان مشاورت ڪئي آهي.ذريعن موجب ملاقات جي دوران نوازشريف سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب نوازشريف(ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس سومر تي مري ۾ طلب ڪري ورتو آهي. نوازشريف مريم نواز کي به مري طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي.










