صدر اليڪشن ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي

صدر اليڪشن ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري اليڪشن ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي.اليڪشن ترميمي بل جي ذريعي اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 140 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.صدر آصف علي زرداري بل جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 جي تحت ڏني. ترميم کان پوءِ اليڪشن ٽربيونل ۾ حاضر سروس جج جي مقرري جي صورت ۾ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان مشاورت ڪئي ويندي.صدر آصف زرداري جي منظوري کان پوءِ اليڪشن ترميمي بل ايڪٽ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو