اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف ترنول ۾ جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر گوهر چيو ته ترنول جلسو تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم تي ٿيڻو هو، جيڪو ملتوي ڪيو ويو آهي.هاڻي اسان عدالت کي درخواست ڪنداسين ته اسان کي عاشورا جي ڏينهن کانپوءِ ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.هن چيو ته عدالت جي حڪم کانپوءِ ڊي سي اجلاس جو نوٽيفڪيشن ڏنو، جنهن جو نوٽيفڪيشن هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي ڪيو ويو، ڪمشنر وٽ ان کي معطل ڪرڻ جو اختيار ناهي، جنهن تي ليٽر جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن معطل ڪري هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، اسان آئين ۽ قانون موجب اجلاس ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ آيا آهيون.بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کانسواءِ ڪا به سياست مڪمل ناهي، اسان سڀ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.










