اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاران تيار ڪيل وفاقي بجيٽ جا اثر اچڻ شروع ٿي ويا آهن.اهڙو اظهار خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو ويو آهي.سندس چوڻ آهي ته حڪومت مالي سال جي پهرين ڏينهن عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو آهي.خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار وڌيڪ چيو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.بئريسٽر سيف اهو به چيو آهي ته عوامي مينڊيٽ تي چونڊيل حڪومت عوامي مفاد ۾ فيصلا ڪندي آهي پر هن حڪومت کي عوام جي ڪابه پرواهه ناهي.










