لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته بجيٽ جي منظوري کانپوءِ مهانگائي جو دروازو کلي ويو آهي.هڪ بيان ۾ لياقت بلوچ چيو ته هو پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ٿو.لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته شهباز شريف، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي ڄاڻڻ گهرجي ته عوام قومي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته معاشي بحران خوفناڪ شڪل اختيار ڪري رهيو آهي.










