لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب عهدي تان استعيفيٰ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان مصروفيت سبب استعيفيٰ ڏني آهي.هن چيو ته وزيراعظم اعتراف ڪيو ته هي آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي.عمر ايوب جو چوڻ آهي ته محسن نقوي 450 ارب جي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي، حڪومت هاڻي چئي رهي آهي ته ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪندا.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدت ڪيس جو فيصلو چينل ڪري رهي آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪا سيفر ذريعي پاڪستان ۾ مداخلت ڪئي.










