اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد فوج سان ڳالهين ۽ وچولي رستو ڳولڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڪشمير کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن، آمريڪي ڪانگريس جي 368 ميمبرن ٺهراءُ پاس ڪيو، اهو فارم 47 جو ميمبر ناهي.اڳوڻي مملڪتي وزير چيو ته نواز شريف به ايندڙ مهيني جي آخر تائين پنهنجو بيانيه تبديل ڪري ڇڏيندو، حڪومت رڳو پنهنجو ڪيس ختم ڪرڻ آئي آهي، اهي باني پي ٽي آءِ کي هاڻي ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندا.شيخ رشيد چيو ته چورن، ڌاڙيلن، لٽيرن، نااهل ۽ ناڪام بجيٽ حڪومت کي گهر موڪلڻ گهرجي، فوج سان ڳالهيون ڪري وچون رستو ڳولڻ گهرجي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته منهنجو بجلي جو بل 168 هزار رپيا آيو آهي.










