زرتاج گل سني اتحاد جي پارليماني ليڊر مقرر

زرتاج گل سني اتحاد جي پارليماني ليڊر مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سُني اتحاد ڪائونسل زرتاج گل کي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ باني عمران خان صاحبزاده محبوب سلطان جي جاءِ تي زرتاج گل کي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر نامزد ڪيو، جڏهن ته زين قريشي ۽ احمد چشتي کي ڊپٽي پارلياماني ليڊر نامزد ڪيو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان به زرتاج گل کي پارلياماني ليڊر نامزد ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته مون کي ان فيصلي جي خبر ئي ملي آهي.
سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه حامد رضا سومر تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي نئين نامزدگين بابت آگاهه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو