باني پي ٽي آءِ  جي هدايتن موجب ايڪشن پلان جوڙبو

باني پي ٽي آءِ جي هدايتن موجب ايڪشن پلان جوڙبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته اسان به پنهنجي راءِ ڏينداسين ۽ پوءِ پي ٽي آءِ جي باني جي هدايتن موجب رستو اختيار ڪنداسين.اسلام آباد جي نئين ڪچهري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ اتحاد ٺاهي رهيا آهيون، انهن سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ڪري رهيا آهيون جيڪي ڌانڌلي جي خلاف آهن.اسد قيصر چيو ته تمام جلد وڏو اتحاد ڪنداسين، مون کي اها ذميواري ڏني وئي هئي ته رڳو مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو