انڌير نگري چوپٽ راج آهي،مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي، شبلي فراز

انڌير نگري چوپٽ راج آهي،مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي، شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته انڌير نگري چوپٽ راج آهي، جنهن کي دل چيو کڻي وڃو ۽ پوءِڪيسن ۾ نامزد ڪيو.اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم پارٽي جي فرنٽ لائن آهي.هن چيو ته حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ 50 سالن کانپوءِ آئي، ان ۾ شعور پيدا ٿيو، ٻين ملڪن ۾ 30 سالن کان پوءِ به راز ناهي رکيو ويندو.شبلي فراز جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه تي بحث ڪيو پيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙيون غلطيون نه ورجايون وڃن، ان ڪري اسان کي 1971ع ۽ هاڻوڪي واقعن ۾ هڪجهڙائي نظر اچي رهي آهي، اسان نه ٿا چاهيون ته جيڪي غلطيون ٿيون آهن، اهي ٻيهر ورجن ۽ نقصان ٿيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ملڪ جو سوچيو، ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي، پريشاني جي صورتحال آهي، ملڪ جي مقبول ليڊر کي آزاد ڪيو وڃي، سياسي ڪيس ختم ڪريو، مينڊيٽ واپس ڏيو ته پوءِ سياسي استحڪام ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو