پيٽرول سستو ٿيڻ سان مهانگائي گهٽبي ۽ عوام کي رليف ملندو

پيٽرول سستو ٿيڻ سان مهانگائي گهٽبي ۽ عوام کي رليف ملندو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيٽروليم بابت وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم جي ٽن وڏن هدفن مان سڀ کان وڏو ۽ پهريون هدف مهانگائي گهٽائڻ آهي، هر وزارت کي غريب ماڻهو تي بار گهٽ ڪرڻ جو هدف ڏنو ويو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 37 سيڪڙو کان گهٽجي 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، پيٽروليم شين جا اگهه گهٽايا ويا آهن، اسان پيٽرول جي اگهه ۾ جيتري گهٽتائي ڪري سگهندا آهيون ڪندا آهيون، پيٽرول سستو ٿيڻ سان مهانگائي گهٽجندي ۽ عوام کي رليف ملندو.هن چيو ته ٽيڪس وصولي 30 سيڪڙو وڌي آهي، سٺي بجيٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ن ليگ سدائين معيشت کي اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي، ايندڙ ڏينهن ۾ عوام کي مهانگائي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي نظر ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو