دهشتگردي خلاف اسان سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو: خواجا آصف

دهشتگردي خلاف اسان سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو: خواجا آصف

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)وفاقي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف اسان سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو. انتهاپسندي خلاف سيمينار کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، پاڪستان دهشتگردي سميت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته دهشتگرد عنصرن ۽ انهن جي مرڪزن جو خاتمو ضروري آهي، پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته پاڪستان انتهاپسندي سبب ڪيترائي نقصان برداشت ڪيا آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي ڪاميابي سان عمل ڪيو ويو آهي.خواجه آصف چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو