ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ملڪ جا اڪثر علائقا هن وقت سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي کان خيبر تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي.خيبرپختونخواهه ۾ لوڊشيڊنگ سبب شهرين لنڊي ڪوتل گرڊ اسٽيشن تي ڌرڻو هنيو.ڪاوڙيل مظاهرين گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي اتي ڌرڻو هنيو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.احتجاج ڪندڙن چيو ته علائقي ۾ لوڊشيڊنگ 20 ڪلاڪن کان به وڌي وئي آهي.گلگت بلتستان جي علائقي چلاس ۾ به اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ڪيترن ئي هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ۽ واپارين پاران شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي.بلوچستان جي علائقي نصيرآباد ۾ 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا. اوستا محمد ۾ شهرين ٽائرن کي ساڙي احتجاج ڪري انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏي.ملتان ۾ 4 کان 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.سنڌ جي مٽياري ضلعي ۾ 12 کان 18 ڪلاڪن تائين بجلي ناهي، حيدرآباد سميت سنڌ جي 9 ضلعن ۾ انٽرميڊيٽ جي امتحانن دوران ڪيترن ئي سينٽرن تي لوڊشيڊنگ سبب شاگردن لاءِ امتحان ڏيڻ مشڪل بڻجي ويو.ڪراچي ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 41.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، اهڙي سخت گرمي ۾ به شهر جي مختلف علائقن ۾ 10 ڪلاڪن کان بجلي غائب آهي.










