اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل چيو آهي ته ڪيسن جو فيصلو ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، هتي 26 سالن کانپوءِ اوچتو موڪل ڏني وڃي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي زرتاج گل چيو ته ڪافي عرصي کان بوگس ڪيس هلي رهيا آهن، حل ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته ڪو اهڙو ليڊر ٿي سگهي ٿو جيڪو 25 روپين جي اسٽيمپ پيپر تي پليٽليٽس لڳرائي ٻاهر نڪري سگهي ها، منهنجو ليڊر ان ئي ملڪ ۾ آهي ۽ پنهنجي ڪيسن ۽ عوام جو دفاع ڪري رهيو آهي.زرتاج گل جو چوڻ آهي ته جڏهن نيري شرٽ ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي تصوير آئي ته سڄو پاڪستان نيرو ٿي ويو، قائداعظم کانپوءِ پاڪستان جو سڀ کان وڏو اڳواڻ پي ٽي آءِ جو باني آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني 8 فيبروري تي عوام جي طاقت سان آيو.










