پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس فارم 47 حڪومت کي تحفظ ڏيڻ آهي.اليڪشن ترميمي آرڊيننس جي جواب ۾ بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سهڪار سان فارم 47 ذريعي جعلي حڪومت ٺاهي وئي. اليڪشن ٽربيونل ۾ هاڻ رٽائرڊ ججن کي شامل ڪرڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو ويو.هن چيو ته حاضر سروس ججن بدران رٽائرڊ ججن کي شامل ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي، هن ڪاري قانون آرڊيننس کي مڪمل طور رد ڪيو وڃي.بئريسٽر سيف اهو به چيو آهي ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي به آرڊيننس خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو آهي.










