اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ 7 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پارليامينٽ جو بجيٽ اجلاس 5 جون تي طلب ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ نئين مالي سال جي بجيٽ 7 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پڻ پيش ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري کي نظر ۾ رکندي بجيٽ اجلاس جي تاريخ ۾ تبديلي جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته متبادل آپشن جي طور تي 8 يا 9 جون تي بجيٽ پيش ڪرڻ جي به تجويز آهي، ان کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ قومي اقتصادي ڪائونسل ۽ وفاقي ڪابينا کان بجيٽ جي منظوري ورتي ويندي.










