لاهور: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ن) جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ پارٽي جي مرڪزي مجلس عامله جو اجلاس 18 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب(ن) ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال سمورن مجلس عامله جي ميمبرن کي اجلاس جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي جنهن موجب اجلاس 18 مئي ڇنڇر جي ڏينهن ساڍي 11 وڳي 180 ايڇ بلاڪ ماڊل ٽائون لاهور ۾ ٿيندو.ذريعن ٻڌايو آهي ته پارٽي سمجهي ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي مصروفيتن سبب پارٽي تي پوري طرح ڌيان نه ڏئي رهيو آهي ان ڪري پارٽي کي ملڪ ۾ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي.ذريعن موجب پارٽي سمجهي ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي مصروفيتن جي ڪري پارٽي تي ڌيان نه ڏئي رهيو آهي ان ڪري پارٽي کي ملڪ ۾ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي.










