اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ 23 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ 23 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير حڪومت، گهرو وزارت جي نمائندن ۽ ٻين اهم عملدارن شرڪت ڪئي.ان کانسواءِ ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير، توانائي واري وزير، فوڊ سيڪيورٽي واري وزير به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات دوران شهباز شريف کي آزاد ڪشمير جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي صورتحال بابت اهم فيصلا متوقع آهن.










