اسٽريٽ ڪرائم مزاحمتن تي  قتلن ۾ اضافو ٿيو: آءِ جي سنڌ

اسٽريٽ ڪرائم مزاحمتن تي قتلن ۾ اضافو ٿيو: آءِ جي سنڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اعتراف ڪيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ مزاحمت تي قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي.خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ هر روز اسٽريٽ ڪرائم جا 400 واقعا رپورٽ ٿين ٿا ۽ هر سال 80 هزار واقعا ٿين ٿا. آءِ جي سنڌ چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ مزاحمت تي قتل ۽ زخمي ڪرڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، ڦر دوران شهرين کي قتل ۽ زخمي ڪندڙ جوابدارن کي پڪڙيو ويو آهي، جڏهن ته ڦر دوران شهرين کي قتل ڪرڻ جا 64 سيڪڙو ڪيس ٽريس ڪيا ويا آهن. غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ هر سال اسٽريٽ ڪرائم جا 80 هزار واقعا رپورٽ ٿين ٿا ۽ روزانو 400 کان وڌيڪ واقعا ٿين ٿا، چوري جي ڪيسن جي جاچ لاءِ 67 جاچ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن.آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ڏوهارين جو انگ 8 کان 12 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، جن جي ٽيگنگ ڪئي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان پوليس کي به ٽريننگ ڏني پئي وڃي، شهر ۾ موٽرسائيڪل چوري جا واقعا تمام گهڻا آهن، ڪراچي جي 108 پوليس اسٽيشنن هڪ پوليس اسٽيشن ۾ 250,000 جي آبادي آهي.هن چيو ته منشيات به شهر ۾ وڏو مسئلو آهي، صوبي جي داخلائن تي سختي ڪري رهيا آهيون ۽ ڪيمرا لڳايا پيا وڃن، صوبي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو