پشاور(ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان اسفند يار ولي جو پٽ ۽ عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخواهه جو صدر امل ولي خان اي اين پي جو مرڪزي صدر چونڊجي ويو آهي.اي اين پي جي انٽرا پارٽي اليڪشن اڄ ٿي رهي آهي جنهن ۾ پارٽي صدر ۽ ٻين عهدن لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويندا.ذريعن موجب ايمل ولي جي مقابلي ۾ اي اين پي جي صدارت لاءِ ڪنهن به اميدوار ڪاغذ جمع نه ڪرايا، ان ڪري امڪان آهي ته ايمل ولي بنا مقابلي اي اين پي جو صدر چونڊجي.ياد رهي ته امل ولي خان کان اڳ سندس والد اسفند يار ولي اي اين پي جو مرڪزي صدر هو پر هو ڪافي عرصي کان سياسي سرگرمين کان پري آهي ۽ هن هلندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ به حصو نه ورتو هو.










