ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته جمهوريت دشمن قوتون ميڊيا کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.پريس فريڊم جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هو صحافت جي عالمي ڏينهن تي ميڊيا جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو.هن چيو ته هو صحافت جي آزادي لاءِ قربانيون ڏيندڙ صحافين جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿو، اظهار جي آزادي هر سماج جي اجتماعي شعور جو آئينو آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه ميڊيا جي آزادي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، آزاد ۽ ذميوار ميڊيا بهترين ترجمان، اڳواڻ ۽ نقاد آهي. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا جي آزادي سماجي ذميواري جي احساس سان مشروط آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪڏهن به صحافين جا جائز حق نه کسيا آهن.










