ڪراچي ۾ 4 ڏينهن گرمي جي شدت برقرار رهڻ جو امڪان

ڪراچي ۾ 4 ڏينهن گرمي جي شدت برقرار رهڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٽن کان چئن ڏينهن تائين گرمي جي شدت برقرار رهندي.ڪراچي ۾ ڏينهن جي وقت موسم گرم رهندي، جڏهن ته شام کان پوءِ سامونڊي هوائون به شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر قائد ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 25.6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.ڪراچي ۾ هوائون هلڪي رفتار سان هلي رهيون آهن، نمي جو تناسب 55 سيڪڙو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو