ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهيون نه ڊيل لاءِ چئي رهي آهي ، پر ادارو تيار ناهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ هڪ طرف ادارن خلاف مهم هلائي رهي آهي ته ٻئي طرف منٿون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ جو وڏو وزير دهشتگردن وانگر اسلام آباد تي حملي جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي، اسلام آباد تي قبضي جي ڌمڪي ثابت ڪري ڇڏيو ته پي ٽي آءِ جي وڏي وزير جا عزائم دهشتگرد آهن.شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ميمبر سوشل ميڊيا تي سڀ کان پهرين راڄڌاني ۾ دهشتگردي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ اندر هر گروپ جو پنهنجو بيانيه آهي، جيڪو اندروني گروهه جو شڪار آهي.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته گذريل ڏيڍ سالن کان پي ٽي آءِ جو هر گروپ ڊيل لاءِ درخواستون ڏئي رهيو آهي، ادارن خلاف مهم هلائيندڙ ڪهڙي منهن سان ادارن سان ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پهريان ادارن خلاف مهم هلائي ۽ هاڻي کين سياست ۾ ڌڪي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي، شهريار آفريدي جو بيان ٻڌائي ٿو ته ڪيئن هو عوام کي بيوقوف بڻائي ادارن سان وڙهندا آهن.










