ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ٽيڪس چورن ۽ منشيات فروشن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ ڇاپيا ويندا. اهڙو فيصلو سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڪسائيز ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي اورنگزيب پنهور، ڊائريڪٽرز ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽيڪس چور ملڪي خوشحالي جا دشمن آهن، کين ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ ڇاپيا ويندا، سندن اڪائونٽ فريز ڪرڻ لاءِ به اپاءَ وٺنداسين. شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جي ساراهه ڪئي ۽ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته زيرو ٽالرنس پاليسي تحت صوبي ۾ ڪارروايون جاري رکيون وڃن، منشيات فروشن ۽ ٽيڪس چورن خلاف ڪاررواين لاءِ پوليس جا قابل آفيسر ۽ جوان ڊيپوٽيشن تي ايڪسائيز کاتي ۾ آندا ويندا. شروعاتي طور تي ڪراچي ۽ هيدرآباد ۾ پوليس آفيسر ڊيپوٽيشن تي ايڪسائيز کاتي ۾ آندا ويندا. هن هدايت ڪئي ته منشيات فروشن جي پراسيڪيوشن ۽ انويسٽيگيشن مضبوط ڪئي وڃي. اجلاس ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ مخبرن کي انعام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران گاڏين جي رجسٽريشن ۽ منتقلي بائيوميٽرڪ تحت ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي جڏهن ته ايڪسائيز کاتي بابت سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي شڪايتن جي ازالي لاءِ اپائن جو فيصلو ڪيو ويو.










