آءِ ايم ايف سان ڊگهو پروگرام ضروري آهي: اورنگزيب

آءِ ايم ايف سان ڊگهو پروگرام ضروري آهي: اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي وارو پروگرام ضروري آهي ڇو ته قرضن لاءِ آءِ ايم ايف ئي آخري رستو آهي.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي ۽ زرعي شعبي ۾ به 5 سيڪڙو واڌ ٿي رهي آهي.هن چيو ته ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا جون تائين 10 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندا.ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي وارو پروگرام ضروري آهي ڇو ته آءِ ايم ايف ئي قرضن جو آخري رستو آهي.هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي قدمن سبب ٽيڪس وصولي ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي. پاليسي جي شرح برقرار رکي آهي ته جئين مالي سال 2024 ۾ جي ڊي پي ۾ اضافي جي توقع آهي ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالياتي خساري کي مناسب حدن اندر رکڻ لاءِ هدف مقرر ڪيا ويا آهن.محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ۽ خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو