ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي چيف جسٽس سنڌ طرفان امن وامان کي يقيني بنائڻ لاءِ صوبائي حڪومت کي ڏوھن جي خاتمي توڙي ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري ھڪ مھيني ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ واري حڪم جو خيرمقدم ڪندي چيو آھي تہ جيسيتائين ڌاڙيلن،ظالم وڏيرن توڙي پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن جي نيٽ ورڪ کي ختم نٿو ڪجي اوستائين سنڌ ۾ امن ۽ ڏوھن جو خاتمو ناممڪن آھي. ڌاڙين جي سرپرستن کي سنڌ حڪومت جي سرپرستي حاصل آھي. سنڌ جي اترين ضلعن ۾ بدامني جو ھڪ ڪارڻ تيل جاکوھ ، ڪچي جي زرخيز زمين ۽ ايراني تيل جي اسمگلنگ بہ آھي.ھن وقت ڪراچي کان ڪشمور سموري سنڌ بدامنيءَ جي باھ ۾ ٻري رھي آھي ڪاروبار ٻارن جي تعليم تباھ ڪري ڄاڻي واڻي خوشحال سنڌ کي برباد ڪيو پيو وڃي. جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ائڊووڪيٽ ممتازحسين سھتو پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيوته شھرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تہ وري ٻھراڙيءَ ۾ ڌاڙيل راڄ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.صرف ڪراچي ۾ ٽن مھينن دوران 50شھرين جو مزاحمت دوران قتل سنڌ حڪومت جي ناڪامي آھي. امن امان جي نالي تي 160ارب 34ڪروڙ سالياني بجيٽ رکڻ جي باوجود سنڌ واسي امن لاءِ ترسي رھيا آھن. حڪومتي رٽ ڪٿي بہ نظر ڪونه ٿي اچي عملي طور ڏوھارين جو راڄ آھي. ڌاڙيلن جا سرپرست وائکا پيا آھن بس انھن ۾ ھٿ وجھڻ جي دير آھي. چيف جسٽس سنڌ ۾ امن جي بحالي، ڏوھارين توڙي سرپرستن کي قانون جي پنجوڙ ۾ اڻڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي ڪري ڏوھارين خلاف قدم کڻڻ جو حڪم جاري ڪري.










