سي اي او جي هدايت، شهر ۾ 22 هزار کان وڌيڪ مين هولز جا ڍڪ لڳي ويا

سي اي او جي هدايت، شهر ۾ 22 هزار کان وڌيڪ مين هولز جا ڍڪ لڳي ويا

ڪراچي (پ ر ) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي خاص هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن پاران هن وقت تائين سڄي شهر ۾ 22 هزار کان وڌيڪ مين هولز جا ڍڪ لڳائي ڇڏيا آهن، ان حوالي سان چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو وڌيڪ تفصيل ڏيندي ٻڌايو تہ لاڳاپيل ايگزيڪيوٽو انجنيئر سيوريج جي نگراني ۾ هن وقت تائين 12 هزار مين هولز جا ڍڪ لڳايا ويا آهن ۽ لاڳاپيل يو سي چيئرمين جي نشاندهي تي 10 ھزار مين هولز جا ڍڪ لڳايا ويا آهن، هن چيو تہ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي خاص هدايتن تي يو سي چيئرمين جي سهڪار سان مختلف علائقن ۾ مين هولز جا ڍڪ لڳايا پيا وڃن، هن چيو تہ جتي بہ ضرورت هجي يا ڪنهن فورم طرفان نشاندهي ڪئي ويندي آهي تہ اتي واٽر ڪارپوريشن جا عملدار فوري طور تي مين هولز جا ڍڪ لڳائيندا آهن، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ شهرين کي درخواست ڪندي چيو تہ مين هولز جا ڍڪ لڳائڻ واٽر ڪارپوريشن جي ذميواري آهي پر مين هولز جي ڍڪن کي چوري کان بچائڻ واٽر ڪارپوريشن سان گڏوگڏ شهرين جي بہ ذميواري آهي، انڪري شهرين کي گهرجي تہ مين هولز جا ڍڪ چوري ڪندڙ عناصرن کي پڪڙي ڪري پوليس جي حوالي ڪيو وڃي.ڇاڪاڻ تہ ڪراچي شهر اسان جو آهي ۽ انجي ترقي ۽ بهتري جي ذميواري اسان سڀني لاڳو ٿئي ٿي، ان سلسلي ۾ شهرين کي گهرجي تہ سڄي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي انتظامن کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ھوء واٽر ڪارپوريشن سان ڀرپور تعاون ڪن تہ جيئن شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو