ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.پراونشل ٽرانسپورٽ اٿارٽي سنڌ جي سمورن آفيسرن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن.صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل اختياريون اضافي کرايه وٺڻ جي شڪايتن تي فوري ڪارروائي ڪن، سنڌ حڪومت عوام کي هر قسم جو رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.هن وڌيڪ چيو ته مسافرن کي پريشان ڪندڙ ماڻهن کي معاف نه ڪيو ويندو.شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته اضافي ڀاڙن خلاف مهم عيد کانپوءِ تائين جاري رهندي










