ججن کي مليل ڌمڪين وارن خطن جي مڪمل جاچ ڪنداسين

ججن کي مليل ڌمڪين وارن خطن جي مڪمل جاچ ڪنداسين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ججن کي مليل ڌمڪين واري خط جي جاچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ججن کي شڪي خط ملڻ جي جاچ ڪئي ويندي، مليل خطن ۾ شڪي پائوڊر جي جاچ جاري آهي، حڪومت معاملي جي پوري ذميواري سان جاچ ڪندي.هن چيو ته هي انتهائي سنجيده معاملو آهي، سياست بدران ذميواري جو مظاهرو ڪيو وڃي، شڪي خطن جي جاچ جو مقصد کير جو کير جو پاڻي جو پاڻي ڪرڻ آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن پاران لکيل خط جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل اجلاس جي روشني ۾ ڪابينا جي منظوري سان انڪوائري ڪميشن جوڙي وئي. هن چيو ته انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن اڳوڻي چيف جسٽس تصدق جيلاني جي مشاورت ۽ اجازت سان ڪيو، بعد ۾ جسٽس تصدق جيلاني انڪوائري ڪميشن جي چيئرمين شپ تان معذرت ڪري ڇڏي، وزيراعظم چيو ته هاڻي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو معاملي تي ايڪشن وٺي رهي آهي، سپريم ڪورٽ ڪالهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بال هاڻي عدالت جي ڪورٽ ۾ آهي، اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي.معيشت بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، معاشي اشارا بهتر ٿي رهيا آهن ۽ مهانگائي ۾ بتدريج گهٽتائي ٿي رهي آهي، معاشي استحڪام ذريعي ئي غربت جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، ملڪي معيشت پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان ايندڙ قسط هن مهيني ملي ويندي جڏهن ته آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام بابت ناڻي واري وزير جو اجلاس به ناگزير آهي.وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي شيڊول تي مڪمل عمل ڪيو ويندو، ايئرپورٽس جي معاملي تي ترڪ ڪمپني جو وفد پاڪستان ايندو، امڪاني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ جو ڪم جاري آهي. ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس کي عالمي معيار جي سهولتن سان ليس ڪيو ويندو.وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته هن داسو ۾ چيني انجنيئرن سان ملاقات ڪئي ۽ کين تسلي ڏني، چيني وفد به اچي ساڻن ملاقات ڪئي، چينين جا لاش چين پهچايا ويا.وزيراعظم چيو ته چينين جي سيڪيورٽي لاءِ فول پروف پروگرام تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، صوبن جي سهڪار سان چينين جي سيڪيورٽي لاءِ فول پروف پروگرام ٺاهينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو