اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ٽنهي اڳواڻن وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏيڻ سان گڏ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو، سنڌ جي اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ذريعن موجب آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جي وزيراعظم سان ملاقات دوران حڪومت سازي ۽ سنڌ جي اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ملاقات دوران سنڌ سرڪار سان ڀرپور سهڪار جو عزم ورجايو آهي










