ڪاروبار ۾ آساني واري لسٽ ۾ اڳتي اچڻ سان ڇا ٿيندو؟

عالمي بئنڪ جي سالياني“ايز آف بزنيس  2020  رپورٽ” يعني ڪاروبار ڪرڻ ۾سولائي جي عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان جي گذريل سال جي مقابلي ۾ 28 نمبر پوزيشنز مٿي ٿي آهي. 190 ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان پنهنجي 2018 جي پوزيشن 136 کان وڌي ڪري هن سال 108 پوزيشن تي اچي ويو  آهي. جنهن جو ڪريڊٽ موجوده حڪومت کي وڃي ٿو. هن سال سڀ کان وڌيڪ بهتري اچڻ واري معيشتن ۾ انڊيا، سعودي عرب، چين، ڪويت، نائجيريا، اردن، ٽوگو، بحرين ۽ تاجڪستان به شامل آهن. انڊيا جي هن سال 63 هين پوزيشن آئي آهي. هلندڙ وقت ۾ ئي بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين جو عهدو چڏڻ واري هارون شريف جي وزير اعظم کي موڪليل استعيفيٰ جي باري ۾ مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هن ۾ ان عمران خان کي اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو ته هن سال پاڪستان گهٽ ۾ گهٽ 25 پوزيشنز مٿي ايندو. پهرين ڳالهه ته هن جو اهو مطلب هر گز نه آهي ته پاڪستان جي معيشيت بهتر ٿي وئي آهي .

ملڪ ۾ موجوده مهنگائي جو رجحان ۽ شرح نمو ۾ گهٽتائي پنهنجي جڳهه تي قائم آهي. عالمي بئنڪ جي ئي هڪ ٻئي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ سرمايه ڪاري ۾ تقريبن 9 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ صنعتي پئداوار جي شرح نمو هن سال صرف هڪ پوائنٽ چار سيڪڙو رهجي وئي آهي. ورلڊ بئنڪ جي اندازي مطابق حقيقي شرح نمو مالي سال 2020 ۾ گهٽ ٿي ڪري 2.4 سيڪڙو ٿي ويندي ۽ مهنگائيءَ ۾ به وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي.

پوءِ هن جي اهميت ڇا آهي؟

ايز آف بزنس جي درجابندي جو مطلب هوندو آهي  ته ڪنهن ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ يا هيئن چئو ته ڪنهن مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ ڪيترو سولو آهي. عام ڪري غير ملڪي سرمائيدار ڪنهن ملڪ ۾ سرمائيداري ڪرڻ کان پهرين هن انڊيڪس کي پنهنجي فيصلي جو حصو بڻائيندا آهن. هن انڊيڪس ۾ بهتري جو مطلب هي آهي ته اسان  توقع ڪري سگهون ٿا ته پاڪستان ۾ غير ملڪي سرمائيداري  وڌڻ جو امڪان آهي جنهن سان قومي پئداوار ۾ اضافو ٿيندو ۽ ملڪي معيشت بهتر ٿيندي. غير ملڪي ڪمپنيون هاڻِ هتي سرمائيداري ڪرڻ تي گهڻي قدر راضي ٿينديون. يعني هن بهتري سان پاڪستاني معيشيت کي ڊگهي مدت وارا فائدا ٿيندا ۽ هي هڪ اهم ڪاميابي آهي. هن درجا بندي کي ٺاهڻ ۾ ورلڊ بئنڪ هن ئي معيشيت جي ڏهن مختلف رخن کي جانچيندو آهي مثال طور، ڪاروبار شروع ڪرڻ ڪيترو آسان آهي(مثال طور ڪمپني رجسٽر ڪرڻ ليبر لاز ڪيترا آسان آهن، تعمير ڪرڻ ڪيترو مهانگو ۽ ان سلسلي ۾ اجازت نامو حاصل ڪرڻ ڪيترو آسان آهي ( جيڪڏهن توهان ڪا به عمارت ٺاهي آهي ته ضلعي انتظاميه کان منظوري وٺڻ ڪيترو مشڪل آهي). بجلي جو ڪنيڪشن وٺڻ ۽ ان جي پهچ ڪيتري مستحڪم آهي. پراپرٽي رجسٽر ڪرڻ ڪيترو آسان آهي، بئنڪاري جي نظآم سان قرض ۽ سرمايو حاصل ڪرڻ ڪيترو آسان آهي ، ننڍي سرمائيدار جي تحفظ جو نظام ڪيترو مضبوط آهي ( مثال طور اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪمپنين کي پنهنجون ڪهڙا تفصيل ڏيڻ لازمي هوندو آهي). ٽيڪس جي شرح ڇا آهي ۽ ٽيڪس ادا ڪرڻ ڪيترو آسان آهي، اتان کان ٻين ملڪن ۾ واپار ڪرڻ ڪيترو آسان آهي. قانوني معاهدن تي عملدرآمد ڪرڻ ڪيترو مستحڪم آهي، ڏيوالپڻي جي صورت ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ ڪيترو آسان آهي.

پاڪستان اها بهتري ڪيئن حاصل ڪئي ؟

ورلڊ بئنڪ جي تازي رپورٽ مطابق پاڪستان  10 مان 6 معاملن ۾ بهتري آندي آهي. * پاڪستان ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ آساني پئدا ڪرڻ جي لاءِ لاهور ۽ ڪراچي ٻنهي ۾ آن لائين پليٽفارم ڏئي ڇڏيو جتي تمام خدمتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون. ان سان گڏ لاهور ۾ ليبر ڊپارٽمينٽ جي رجسٽريشن فيس ختم ڪري ڇڏي آهي. * ڪراچي ۾ تعميراتي اجازت حاصل ڪرڻ جي نظام ۾ بهتري آئي آهي جتي هي عمل آسان ۽ تيز ٿيو آهي ۽ تعميراتي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ وقت سر انسپيڪشن جي عمل کي يقيني بڻايو ويو آهي. اتي لاهور ۾ تعميراتي نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ  ان حوالي سان ون  ونڊو آپريشن ۾ پڻ بهتري آندي وئي آهي.

* ڪراچي ۾ بجلي جو ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ جو عمل آسان ٿي ويو آهي ڇو ته سروس ڊليوري جي لاءِ وقت جو تعين ڪيو ويو ۽  نئين درخواستن جي لاءِ آن لائين پورٽل متعارف ڪرايو ويو. ان سان بجلي جي نرخ ۾ شفافيت آئي آهي.* ڪراچي ۾ پراپرٽي جي داخلا جي عمل کي تيز ڪرڻ جي سب رجسٽرار جي آفيس جي فائلن ۾ آساني پئدا ڪئي وئي.لاهور ۾ لينڊ ائڊمنسٽريشن نظام جي شفافيت کي وڌايو ويو. * پاڪستان ۾ ٽيڪس جي ادائگي ۾ آساني پئدا ڪئي وئي جنهن جي لاءِ ويليو ۽ ٽيڪس ۽ ڪارپورٽ انڪم ٽيڪس کي آن لائين ادا ڪرڻ جي سهولت متعارف ڪرائي وئي آهي. پاڪستان  ۾ عالمي واپار آسان ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مختلف ادارن جي وچ ۾ انٽيگريشن کي بهتر بڻايو ويب بيسڊ ڪسٽمرز کي بهتر ڪيو. ان کان علاوه عملي انسپيڪشنز مختلف ادارا ملي ڪري سگهندا آهن. عملي طور تي ڏٺو وڃي ته پاڪستان کي هاڻ به هن حوالي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هي بهتر يا وڌيڪ خوش آئند قدم آهي ۽ موجوده حڪومت کي هن جو داد ڏيڻ کپي پر هي تبديليون قانونن ۾ ته لکيون ويو آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ته عمل ۾ به آنديون ويون آهن پر انهن کي اسانجي ڪاروباري ڪلچر ۾ پڪو ٿيڻ ۾ وقت لڳندو. پاڪستان جي پوزيشن ۾ بهتر پنهنجي جاءِ تي هاڻي به 190 مان 108 پوزيشن تي آهي هيئن سمجهو ته اسان ڪلاس جي پوئين سيٽن تان اٿي ٿورو اڳتي اچي ويٺا آهيون. جڏهن ته پهرين قطارن ۾  اچڻ ۾ اڃان وقت لڳندو. (بشڪريه بي بي سي ، تصويرون گيٽي اميجز ۽ سنڌيڪار سليم ڪلهوڙو)

پهنجو تبصرو موڪليو