اصل ڪير آهي ۽ روبوٽ ڪير؟ پرکيو ته پتو پوي، وسعت الله خان

اصل ڪير آهي ۽ روبوٽ ڪير؟ پرکيو ته پتو پوي، وسعت الله خان

دنيا اڄڪلهه چوٿين صنعتي انقلاب کان گذري رهي آهي. پهريون صنعتي انقلاب ڇاپي خاني جي ايجاد ۽ ٽيڪسٽائل مشينري جي تنصيب تي ختم ٿيو. يعني اکر ۽ پوشاڪ عام دسترس ۾ اچي ويا. ٻيو صنعتي انقلاب روزمره زندگيءَ جي ضرورت وارين شين جي پيداوار ۽ ان پيداوار جي عام ماڻهو تائين پهچ جو سبب بڻيو. هن جي صدقي اهي شيون جيڪي اشرافيه جي پهچ ۾ سمجهيون وينديون هيون اهي عام ٿي ويون جهڙوڪ موٽرسائيڪل، ڪار، فريج سير ۽ تفريح وغيره وغيره. ٽئين صنعتي انقلاب تيز اسپيڊ ذريعن اچ وڃ ۽ رابطي جي طريقي کي عام ڪيون ۽ انٽرنيٽ جهڙيون سهولتون هر عام ۽ خاص جي لاءِ ممڪن بڻيون. چوٿون صنعتي انقلاب سمارٽ ٽيڪنالوجيز جي ذريعي ڊيٽا جي جن کي پڪڙ ۾ وٺڻ ۽ ان ڊيٽا جي بنياد تي ترقي حاصل ڪرڻ واري آرٽيفيشل انٽيلي جنس يعني مصنوعي يا هٿرادو ذهانت يا ڏاهپ جي وسيلي وڌ کان وڌ ڪم انساني دماغ ۽ هٿ کان انسان جي ٺاهيل روبوٽ جي هٿن ۽ دماغن جي وسيلي سر انجام ڏيڻ جو عمل اڳتي وڌائي رهيو آهي. معنيٰ اسان پنهنجي روزمره جي زندگي سمارٽ فونز، ايپس ۽ هر قسم جي ضروري مواد کان هٿرادو ٺاهيل روبوٽ مشينن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.

سعود عرب جي شهريت حاصل ڪندڙ روبوٽ سوفيه

انهن سمارٽ ٽيڪنالوجيز جي وسيلي جتي عام ماڻهو پنهنجي زندگي کي مادي اعتبار کان سٺو ۽ تيز رفتار بڻائڻ جي قابل ٿيو اتي حڪومتون به عوام جي روز مره ۽ دماغن کي ڪافي حد تائين قابو ڪرڻ تي ڪامياب ٿي ويون آهن. في الحال ڪافي ملڪن ۾ عام ماڻهو هڪ ٻئي ۽ ٽئين صنعتي انقلاب کان گذري رهيا آهن جڏهن ته رياستي اسٽيبلسمينٽ چوٿين صنعتي انقلاب ۾ داخل ٿي چڪي آهي. ڊيٽا جي بنيادي ذريعن تي ان جو ڪنٽرول آهي ۽ ان ڪنٽرول جي ذريعي پيدا ٿيڻ واري ذهانت کان اصلي ذهانت تي به پڪڙ مضبوط ڪرڻ جو عمل تيزي سان اڳتي وڌائجي رهيو آهي. صوفيه نالي روبوٽ پهرين متحرڪ ذهين  مشين آهي جنهن کي ٻه سال پهريون سعودي شهريت ڏني وئي.گذريل سال نومبر ۾ چين ۾ پهريون روبوٽ صحافي ۽ نيوز ڪاسٽر متعارف ڪرايو ويو.

ڇين ۾ انسان نما روبوٽ خبرون پڙهندي

هو پنهنجي ڏيک ،آواز، پڙهڻ ۽ انداز جي لحاظ کان بلڪل انسان لڳندو آهي. چوهائو نالي هي ميڊيائي روبوٽ چين جي سرڪاري خبرون ڏيندڙ ايجنسي شن هوا ۽ سرچ انجڻ سوگو متعارف ڪرايو جيڪو نه ٿڪندڙ ۽ بغير بيهڻ جي خبرون پڙهي سگهندو آهي ۽ رپورٽنگ به ڪري سگهندو آهي. پر مونکي لڳي ٿو ته آس پاس جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ چوٿون صنعتي انقلاب  پاڪستان ۾ تمام تيزي سان دٻيل پيرن سان داخل ٿي رهيو آهي ۽ امڪان آهي ته هٿرادو ذهانت واري شعبي جي عمومي فروغ ۾ هي پاڙيسرين کان ٿوري ئي وقت ۾ اڳتي نڪري وڃي. خاص ڪري صحافت ۽ سياست جي شعبن ۾ اهو سمجهڻ هر روز مشڪل ٿيندو ٿو وڃي. هي جيڪا اسڪرين تي خبرون پڙهي رهي آهي يا رپورٽنگ ڪري رهي آهي ، يا ٽاڪ شو جو ميزبان آهي يا دونها دار پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي يا عدالت ۾ انصاف جي ڪرسي تي ويٺل آهي يا سيڪريٽريٽ ۾ آرم چيئر تي جهولا کائيندي سگار ڦيري رهيو آهي يا ڪابينا جي فيصلن جي بريفنگ يا لانگ مارچ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. هي واقعي ئي اصل آهي يا هٿرادو ذهانت جو شاهڪار انسان وانگر پروگرامڊ روبوٽ؟.

یہ وفائیں ساری دھوکے، پھر یہ دھوکے بھی کہاں

چند دن کی بات ہے پھر لوگ ہم سے بھی کہاں ( احمد ہمدانی )

(بشڪريه بي بي سي، سنڌيڪار سليم ڪلهوڙو)

پهنجو تبصرو موڪليو