ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ موسم خشڪ ۽ رات جي وقت ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ رات جي وقت سرد رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙو پئجي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم خشڪ ۽ رات جي وقت ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 28 کان 30 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب 70 سيڪڙو ۽ هوائن جي رفتار 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ اتر اوڀر کان آهي.










