ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته ڪراچي کي ٻيهر دنيا جو خوبصورت ۽ پرامن شهر بڻائڻو پوندو،ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌ فيئر کي خطاب ڪندي قائد عوامي تحريڪ اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جا شاگرد 15 سالن کان احساس محرومي جو شڪار آهن.سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ترقي لاءِ تعصب ۽ ڪرپشن کي ختم ڪرڻو پوندو، سنڌ تهذيبن جي ماءُ آهي، دنيا کي سنڌو تهذيب تي فخر آهي.قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي چاهيون ٿا، پاڪستان کي نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي.اياز لطيف پليجو اهو به چيو ته جيڪڏهن اسان عقلمندي کان ڪم نه ورتو ته اسان کي چين-آمريڪا تڪرار ۾ ڀوڳڻو پوندو.










